دلير دِل خان

دلير دِل خان: نواب دلير دل خان مغليه سلطنت طرفان نواب سيف الله خان کانپوءِ ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. 1143هه/1730ع جي آخر ۾ کيس ٺٽي ۾ مقرر ڪيو ويو. هن تقريباً ٻه سال ٺٽي تي حڪومت ڪئي. ٻن سالن ۾ فلاحي ڪمن کانسواءِ تعميري ڪم به ڪرايائين. هن قديم تاريخي عمارتن جي مرمت ڪرائي ۽ هڪ عاليشان مدرسو ٺهرائي، ان کي هلائڻ لاءِ معلم مقرر ڪيا. ٻه سال وڏي امن امان سان گذاريائين، ان کانپوءِ ٺٽي جو صوبو نواب امير خان کي انعام ۾ ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ نواب دلير دل خان واپس مغل سلطنت جي دارالسلطنت هليو ويو، پر ڪجهه عرصي بعد واپس اچي ٺٽي ۾ هڪ عام شهريءَ وانگر مقيم ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو